welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪب آباد: عورت پوليو ورڪر جي سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي برطرف

جيڪب آباد:(سومر 16 سپٽمبر 2024ع)سنڌ حڪومت جيڪب آباد ۾ پوليو مهم دوران مبينا زيادتي جو شڪار عورت پوليو ورڪر جي سيڪيورٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڊي ايڇ او جيڪب آباد کي به انتظامن ۾ غفلت سبب هٽايو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي جيڪب آباد کي سي پي يو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد کي سروس جنرل ايڊمنسٽريشن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جيڪب آباد جي ڀرپاسي ڳوٺ الله بخش جکراڻي ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ ملازمن سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو هو. بعد ۾ عورت زيادتي جي ترديد ڪندي چيو ته مون سان زيادتي ناهي ڪئي وئي، اسان ٻوٽا پيئڻ بعد واپس وڃي رهيا هئاسين ته گهر ۾ هڪ شخص منهنجي مٿي تي پستول رکي مون کان موبائل فون ۽ پئسا گهريا، جيڪي مون ڏنائين. عورت پوليو ورڪر جو چوڻ هو ته منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز هئي ۽ منهنجي جسماني حالت خراب ٿي وئي، ساٿي ورڪر مون کي اسپتال آندو، مان فون ۽ رقم کڻي ويندڙ شخص کي سڃاڻي سگھان ٿو. جنهن بعد پوليو ورڪر جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ عورت پوليو ورڪر پنهنجي زيادتي بابت بيان ڏنو، جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڊپٽي ڪمشنر ظهور مري ۽ ايس ايس سمير نور چنا پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته مرڪزي جوابدار احمد جکراڻي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت جا ڊي اين اي نمونا ڄامشورو منتقل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عورت جي پهرين بيان موجب ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ان ئي ڪيس ۾ زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته عورت ان وقت خوفزده هئي، قبائلي سماج سبب عورت عدالت ۾ زيادتي جو بيان ڏنو. ٻئي پاسي عورت سان ٻيو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، عورت پوليو ورڪر جو ساٿ ڏيڻ بدران مڙس کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو. ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته عورت کي سندس مڙس بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام هڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. عورت پنهنجي مڙس ۽ سسر پاران جان کي خطرو آهي. واقعي بعد پوليس عورت جي مڙس ۽ ڀائٽي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڊي آءِ جي سکر چيو ته هو سمورن رخن کان جاچ ڪري رهيا آهن، مرڪزي جوابدار به گرفتار آهي، عورت اڳ به ڦرلٽ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو بيان ڏنو هو، عورت ٻئي بيان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ڏنا ته ڪارروائي ڪئي ويندي بيانن کي تبديل ڪرڻ ۾ ملوث مليو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے