welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آصف مرچنٽ ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي پاڪستان ۾ ڪو ڪرمنل رڪارڊ اٿس: سي ٽي ڊي ذريعا

ڪراچي:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)آصف مرچنٽ شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي آصف رضا مرچنٽ پٽ حبيب مرچنٽ جو جنم 18 مئي 1978ع تي ٿيو، هو شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. آصف مرچنٽ پاڪستان ۾ هڪ آمدني ٽيڪس فائلر آهي روزاني جنگ جي خبر موجب، پاڪستاني آصف رضا مرچنٽ، جنهن کي آمريڪا ۾ ڪنهن سياستدان يا سرڪاري آفيسر کي قتل ڪرڻ جي منصوبابندي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ انڪم ٽيڪس فائلر آهي. پاڪستان ۾ ايف بي آر جي رڪارڊ ۾ هو فعال فائلر لسٽ ۾ شامل آهي، سندس باري ۾ رپورٽون آهن ته بظاهر هن جو ڪنهن به سياسي جماعت سان واسطو ناهي، هن هڪ خانگي يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. آصف مرچنٽ جا ٻيا به تفصيل سامهون اچي ويا پاڪستاني ايجنسين آصف مرچنٽ بابت شروعاتي اهم تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن. دستياب تفصيلن ۾ آصف مرچنٽ جي رهائش، استعمال ٿيل گاڏيون، بئنڪ اڪائونٽس، روزگار ۽ سفري رڪارڊ شامل آهن. ذريعن موجب آصف مرچنٽ 2 نومبر 2017 کان 8 اپريل 2024 تائين ٽن پاسپورٽ تي ڪيترائي ڀيرا ايران جو دورو ڪيو، آصف مرچنٽ 2 نومبر 2017 کان 14 نومبر 2017 تائين ايران ۾ رهيو. هن سال 15 جنوري تي آصف مرچنٽ ڪراچي ايئرپورٽ تان هڪ ڀيرو ٻيهر ايران ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار 17 سيپٽمبر 2023ع کان 15 آڪٽوبر 2023ع تائين جو عرصو به ايران ۾ گذاريو، جنهن بعد آصف مرچنٽ آڪٽوبر 2023ع ۾ آمريڪا ويو. ذريعن موجب آصف مرچنٽ 17 ڊسمبر 2023 تي آمريڪا کان پاڪستان واپس آيو هو، هلندڙ سال 15 جنوري تي آصف مرچنٽ ڪراچي ايئرپورٽ تان هڪ ڀيرو ٻيهر ايران روانو ٿيو هو. رڪارڊ موجب آصف مرچنٽ 12 فيبروري 2024ع تي ايران جي دوري تان واپس آيو هو. پهرين اپريل تي آصف مرچنٽ ڪراچي کان ايران لاءِ اڏام ورتي. آصف مرچنٽ 8 اپريل تي ايران جي دوري کان واپس ڪراچي آيو، آصف مرچنٽ 11 اپريل 2024 تي پاڪستان مان ترڪي ذريعي آمريڪا ويو، آصف مرچنٽ جا ڪراچي ۾ گلشن اقبال ۽ جعفر طيار سوسائٽي ۾ ٻه گهر آهن. آصف مرچنٽ نيوپورٽ انسٽيٽيوٽ، ڪراچي مان مئنيجمينٽ سسٽم ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 2002ع کان ڪراچي ۾ بئنڪنگ ڪيريئر جي شروعات ڪئي. آصف مرچنٽ کي ڪرپشن جي الزام ۾ بينڪ جي نوڪري تان به برطرف ڪيو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف مرچنٽ کي ڪرپشن جي الزام ۾ بينڪ جي نوڪري تان به برطرف ڪيو ويو. آصف مرچنٽ پاران استعمال ڪيل 4 پاڪستاني موبائل نمبرز ۽ هڪ انٽرنيشنل نمبر جا تفصيل پڻ حاصل ڪيا ويا. ڪراچي ۾ آصف مرچنٽ جي استعمال ڪيل 3 گاڏين ۽ هڪ موٽرسائيڪل جو رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے