welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ڊي ايم اي پنجاب سنڌو درياهه جي ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي

غازي خان:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنجاب سنڌو درياهه جي ڀر وارن ضلعن ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي ڪمشنر سرگوڌا، ڊيرا غازي خان ۽ ڪمشنر بهاولپور کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڊي سي ميانوالي، ڀڪر، ليه، مظفر ڳڙهه، راجن پور ۽ رحيم يار خان کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال ڪجهه ڏينهن تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، تربيلا ۽ ڪالا باغ وٽ هيٺئين سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته چشما ۽ ​​تونسه وٽ وچولي سطح جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان ڪاٿيا هدايت ڪئي آهي ته ريسڪيو 1122 جي ريسپانس ٽيمن کي هاءِ الرٽ رکيو وڃي ۽ درياهه جي ڪنارن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ چوپاين کي ٻاهر ڪڍڻ کي يقيني بڻايو وڃي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايمرجنسي جي صورت ۾ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے