اسلام آباد:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)پنجاب ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب رحيم يار خان جي ماڙي ايسٽ بلاڪ جي چيڪ 1-202 ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا.
او جي ڊي سي ايل جي ترجمان چيو ته نئين دريافت ٿيل ذخيرن مان روزانو 6.15 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس حاصل ٿي رهي آهي.
ترجمان چيو ته او جي ڊي سي ايل جي هن مهيني ذخيرن جي دريافت ۾ اها مسلسل ٻي ڪاميابي آهي، دريافت ڪيل ذخيرا ملڪي طلب ۽ رسد جي فرق کي ڀرڻ ۾ مدد ڪندا.
ترجمان چيو ته او جي ڊي سي ايل ملڪ ۾ توانائي جا وسيلا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language