اسلام آباد:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.
حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 47 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 260 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ان کان علاوه ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 70 پئسا في ليٽر گهٽتائي ۽ ڊيزل جي قيمت 266 رپيا 7 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language