پشاور:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)خيبرپختونخواهه جي علائقي جمرود ۽ لوئر دير ۾ پوليس چيڪ پوسٽن تي دهشتگردن جي حملن ۾ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل شهيد ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب جمرود ۾ سخي پل پوليس پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو.
پوليس موجب دهشتگردن جمرود جي تحصيل ڪمپائونڊ تي به حملو ڪيو، حملي آورن تحصيل ڪمپائونڊ ۾ دستي بم اڇلايا ۽ فائرنگ ڪئي، حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته جمرود پوليس اسٽيشن سميت مختلف سرڪاري آفيسون تحصيل جي احاطي ۾ قائم آهن.
ٻئي طرف لوئر دير ۾ به دهشتگردن جندول ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دستي بم ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language