welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي فائر وال جو هڪ ٻيو ڪامياب تجربو

اسلام آباد:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)ذريعن موجب پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا فيس بڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمن تي سيفٽي فائر وال جو ٻيو ۽ آخري ڪامياب تجربو گذريل رات دير سان مڪمل ڪيو ويو. ان حوالي سان جي آءِ ٽي وزارت ۽ پي ٽي اي جا عملدار خاموش آهن ۽ سندن طرفان ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ٿي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ سينيئر آفيسر جو چوڻ هو ته اهو معاملو پي ٽي اي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته پي ٽي اي جي اعليٰ عملدارن رابطو ڪرڻ تي ڪو به جواب نه ڏنو. ٻئي طرف سڄي پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس مسلسل معطل آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موبائل ايپس ڏينهون ڏينهن متاثر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڊائون لوڊنگ جي رفتار به انتهائي سست ٿي وئي آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے