گھوٽڪي:(اربع 14 آگسٽ 2024ع)گهوٽڪي مان 65 ورهين جي شخص جي اغوا جو واقعو پيش آيو، پوليس سهراب نالي شخص جي اغوا جو سمورو ڊرامو بي نقاب ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب سهراب نالي 65 ورهين جي پيءُ پٽن جا پئسا ڦٻائڻ لاءِ کيس اغوا جو ڊرامو رچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سهراب پنهنجي دوستن سان گڏ اغوا جي وڊيو ٺاهي پنهنجي پٽن کي موڪلي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سهراب جو قرض هو ۽ سندس پٽ قرض ادا ڪرڻ ۾ پيءُ جي مدد نه ڪري رهيا هئا.
پوليس جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي مبينا اغوا جو پتو لڳائي سهراب کي سندس 4 ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو.
ڊي ايس پي موجب مبينا اغوا جو پٽ سعيد احمد پنهنجي پيءُ جي ڳولا دوران حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language