welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صدر اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 تي صحيحون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيل اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 تي صحيح ڪري ڇڏي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي دستخط کانپوءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 جو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جو گزٽ نوٽيفڪيشن اڄ جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي منظور ڪيو هو، جڏهن ته ڪالهه سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري ڏني هئي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے