welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ جو باني ڄاڻي ٿو ته وڊيوز وارا پنهنجا ماڻهو آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو باني معاملو اُلجهي رهيو آهي، کيس خبر آهي ته وڊيوز ۾ سندس پنهنجا ماڻهو آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اهو سڀ ڪجهه انهن ماڻهن پاڻ ڪيو، جڏهن ٽرائل ٿيندو ته خبر پوندي ته ثبوت ڪيتري اهميت رکن ٿا. هن چيو ته اسان به هتي آهيون ۽ پي ٽي آءِ جو باني به هتي آهي، فتنو ۽ ڪرپشن جو پوري قوت سان وڙهنداسين، هي ماڻهو رياست جي خلاف بيٺو آهي، هو ملڪ ۾ فتنو ۽ فساد پکيڙڻ چاهي ٿو. راڻا ثناءُ الله چيو ته 2011ع کان سندس سياست رياست مخالف سياست آهي، اسان ادارن سان گڏ بيٺا آهيون ۽ ادارا رياست سان گڏ بيٺا آهن. واضح رهي ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پهرين 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون اچڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ثابت ٿيا ته معافي وٺندس، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو ملوث ثابت ٿيا ته کين پارٽي مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ سزا به ڏيندس.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے