welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪجهه به ٿئي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين: چيئرمين پي ٽي آءِ جو اعلان

اسلام آباد: (سومر 01 جنوري 2024ع)اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ پاران عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. جيو نيوز جي پروگرام ”نيا پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي، جيڪو به ٿيندو چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين واضح ڪيو ته ٽڪيٽن جي حوالي سان اڱاري ۽ اربع تي پي ٽي آءِ باني سان مشاورت ڪندس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪندس. بئريسٽر گوهر چيو ته آر اوز جي فيصلن تي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، جيڪڏهن بيٽ جو نشان هٽايو ويو ته اهو جمهوريت جو نقصان ۽ پي ٽي آءِ سان وڏي ناانصافي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته 550 کان وڌيڪ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا، جن مان تحريڪ انصاف جا 380، (ن) ليگ جا 28 جڏهن ته پيپلز پارٽي جا 40 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے