welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ن ليگ کي 3 سيٽون ڏيڻ جي آڇ، اين اي 242 تي ڊيڊ لاڪ برقرار

ڪراچي: (سومر 01 جنوري 2024ع)عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مذاڪرات ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جو ايندڙ مرحلو اربع تائين ٿيندو. مرڪزي قيادت پاران قائم ڪيل ڳالهين واري ڪميٽي جي ٻنهي ڌرين جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي پهچي ويا آهيون، اسان جي وچ ۾ سٺا سياسي لاڳاپا ڪافي مستحڪم آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 جي 3 سيٽن جي آڇ ڪئي آهي، جنهن ۾ ملير جي 2 ۽ لياري جي هڪ سيٽ شامل آهي. جڏهن ته اين اي 242 تي ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، جنهن تان مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پنهنجي پارٽين جا اميدوار آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے