welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هندستان ۾ واپاري آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جي اڳوڻي حڪومت جي منصوبي کي روڪيو ويو

اسلام آباد: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)نگران حڪومت گذريل حڪومت جي ڀارت ۾ ٽريڊ آفيسرن جي مقرري واري منصوبي تي عملدرآمد روڪيندي ٽريڊ آفيسر مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ڀارت سان واپار جي معطلي باوجود نئين دهلي سميت 40 واپاري آفيسرن کي پرڏيهه ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ اتحادي حڪومت دوران پرڏيهه ۾ ٽريڊ آفيسرن جي عهدن لاءِ اشتهار شايع ڪيا ويا، نئين دهلي ۾ ڪل 40 پوسٽون شامل هيون. ذريعن موجب نگران وزيراعظم 39 پرڏيهي واپاري آفيسرن جي مقرري جي منظوري ڏني پر انهن 39 ملڪن ۾ ڀارت جي نئين دهلي جو نالو شامل ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مخلوط حڪومت دوران واپار معطل ٿيڻ باوجود ڀارت ۾ ٽريڊ آفيسر مقرر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو هو. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف گريڊ 19 جي تجارت ۽ سيڙپڪاري قونصلر جي پوسٽ جي منظوري ڏني جڏهن ته گريڊ 20 جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري وزير جي عهدي کي ڀارت ۾ ختم ڪري ڇڏيو. واپار واري وزارت جي ذريعن موجب ڀارت سان واپاري پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت سان واپار معطل ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے