ڪراچي: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته حڪمران چاهين ٿا ته اسان جي قوم کي عقيدي، مذهب ۽ فرقي جي نالي تي ورهايو وڃي ته جيئن حڪمران طبقي جا مفاد محفوظ هجن.
ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ انيس قائمخاني مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي حقن جي نالي تي ٺهندڙ پارٽين جي سوچ اڄ به لساني آهي.
خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ۾ ٻه قومون آهن، هڪ امير ۽ ٻيو غريب، رڳو ٻه مذهب آهن، هڪ غالب ۽ ٻيو محکوم، رڳو ٻه فرقا آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم.
انيس قائمخاني چيو ته ايم ڪيو ايم اڄ وڌيڪ منظم ۽ مضبوط سياسي قوت بڻجي چڪي آهي، 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ شهري سڄي سنڌ مان لساني سوچ رکندڙ پارٽين جو صفايو ڪري ڇڏيندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language