welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد: خانه بدوش ڪيفي ۾ پنجن ڏينهن وارو شيخ اياز ميلو جاري، مختلف سيشن منعقد

حيدرآباد: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)حيدرآباد ۾ پنجن ڏينهن وارو شيخ اياز ميلو جاري آهي، جنهن ۾ مختلف سيشن منعقد ڪري شيخ اياز جي شاعري، زندگي ۽ فڪر سميت مختلف موضوعن تي روشني وڌي پئي وڃي. حيدرآباد جي خانه بدوش ڪيفي ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ پنجن ڏينهن وارو نائون شيخ اياز ميلو جاري آهي، جنهن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي شاعرن، اديبن، محققن توڙي لکيڪن شرڪت ڪئي آهي. شيخ اياز ميلي دوران شيخ اياز جي شاعري، زندگي فڪر سميت سنڌ توڙي ملڪ سان لاڳاپيل مختلف موضعن تي مقرر روشني وجهي رهيا آهن. شيخ اياز ميلي ۾ نوجوانن، نارين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون شريڪ ٿيون آهن، جڏهن ته ٽئين ڏينهن تي آل پاڪستان مشاعري، اياز جي شاعري ۾ سنڌ ۽ فلسطين جو استعارو واري سيشنز کانپوءِ راڳ رنگ جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي، سنڌ جي ناليواري فنڪاره ديبا سحر، سيف سميجو، برڪت فقير ۽ ٻيا سر وکريندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے