welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پرويز الاهي، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)عام چونڊون 2024 ۾ اميدوار جي طور تي حصو وٺڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري مختلف تڪن تان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ سندس گهر واري قيصره الاهي اين اي 64 ۽ پي پي 32 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مونس الاهي تڪ اين اي 64 جڏهن ته سمير الاهي صوبائي تڪ پي پي 32 ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مولانا فضل الرحمان به اين اي 44 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. مولانا فضل الرحمان اين اي 44 تان چوندن ۾ حصو وٺندو. مولانا سعد محمود اين اي 44 تي مولانا فضل الرحمان جو ڪورنگ اميدوار هوندو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ريٽرننگ آفيسر محسن علي شيخ وٽ اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ 1 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے