welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عوام نئون سال عزت، محبت ۽ قانون جي احترام سان ملهائي: نگران وڏو وزير

ڪراچي: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عوام کي نئون سال عزت، محبت ۽ قانون جي احترام سان ملهائڻ گهرجي. نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر سال 2024ع جي آمد تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته خاص ڪري سنڌ جي عوام کي نئون سال مبارڪ هجي، الله پاڪ اسان جي وطن کي سدا سلامت رکي. جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته اسان کي هڪ ٻئي سان پيار ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهڻ گهرجي، پنهنجن شهرن جي صفائي ۽ خوبصورتي جو خيال رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے