اسلام آباد: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو رياست لاءِ سواليه نشان آهي.
جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته حڪومت رڳو اطلاع ڏيندي آهي ته اڄ دهشتگرد حملا ڪندا، دهشتگردن جا نالا ۽ ڪپڙا به ٻڌائين ٿا پر ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي، پوءِ چونڊون ڪيئن ممڪن ٿيون؟ نه ججن نوٽيس ورتو ۽ نه ئي اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي ڪا زندگي آهي.
مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته جلد مشاورت کانپوءِ مستقبل جو لائحه عمل جو فيصلو ڪندس، الله جو شڪر آهي ته الله تعاليٰ مولانا فضل الرحمان کي هن بزدلاڻي حملي ۾ محفوظ رکيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language