welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ مسجد اقصيٰ جو اڳوڻو امام شهيد

غزہ: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ مسجد اقصيٰ جو اڳوڻو امام شيخ يوسف شهيد ٿي ويو. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن مغازي پناهگير ڪئمپ ۾ شيخ يوسف جي گهر کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو. اسرائيلي حملي ۾ شيخ يوسف جو خاندان به زخمي ٿي پيو آهي. 68 سالن جو شيخ يوسف 2005ع کان 2006ع تائين فلسطين جو مذهبي معاملن جو وزير پڻ رهيو. مسجد اقصيٰ جي اڳوڻي مبلغ جي شهادت تي اسرائيل طرفان ڪوبه بيان سامهون ناهي آيو. واضح رهي ته غزه جي رهائشي علائقن تي اسرائيلي فوج جا فضائي، زميني ۽ بحري حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 150 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. 7 آڪٽوبر کان جاري حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 21 هزار 800 ٿي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ زخمين جو ڪل انگ 56 هزار 451 ٿي ويو آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام نئين سال ۾ لکين ماڻهن کي ڏڪار کان بچائڻ لاءِ غزه ۾ جنگبندي ۽ بليڪ آئوٽ امداد پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف برطانوي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غزه تي وحشي بمباري ۽ هزارين شهيدن جي باوجود اسرائيل کي ڪاميابي جا آثار نظر نه اچي رهيا آهن، اسرائيل به ”عالمي اڪيلائي“ جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے