واشنگٽن: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)آمريڪي صدر جو بائيڊن سال 2024 لاءِ 886 ارب ڊالرن جي دفاعي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب بجيٽ ۾ مختص ڪيل مجموعي رقم دفاع، توانائي، پرڏيهي معاملن ۽ انٽيليجنس سروسز واري وزارت تي خرچ ڪئي ويندي.
ان مان 800 ملين ڊالر يوڪرين جي امداد لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، بائيڊن يوڪرين، اسرائيل ۽ ايشيا پيسفڪ لاءِ 106 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي، پر هو ڪانگريس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو.
دفاعي بجيٽ ۾ حاضر سروس اهلڪارن جي پگهارن ۾ 5.2 سيڪڙو جڏهن ته دفاعي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 3 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language