تھران: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته 7 آڪٽوبر تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو حملو فلسطينين خلاف جاري ناانصافين جو جواب آهي.
ايران جي راڄڌاني تهران ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ابراهيم رئيسي چيو ته فلسطين جو مسئلو مسلم دنيا ۽ سمورن آزاد ماڻهن جو مرڪزي حيثيت آهي.
هن چيو ته عالمي ادارا فلسطينين خلاف اسرائيلي جنگي ڏوهن تي خاموش آهن، فلسطينين خلاف اسرائيلي جنگي ڏوهن عالمي ادارن جي ناڪامي آهي.
هن چيو ته فلسطيني سرزمين تي مستقل قبضو قابضن کي قانوني جواز فراهم نٿو ڪري، فلسطينين کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي ۽ حماس جو 7 آڪٽوبر تي حملو فلسطينين سان جاري ناانصافين جو جواب آهي.
ايراني صدر چيو ته منصفانه حل اهو آهي ته فلسطينين کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي.
ٻئي طرف غزه تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي ۽ جباليا ۾ گهرن تي بمباري جي نتيجي ۾ درجنين فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جباليا ڪيمپ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو آخري پلانٽ به اسرائيلي فوج تباهه ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي ۽ انهن شهيدن مان 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻارڙا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language