
دوحا: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)سال 2023 ۾ دنيا جي آبادي ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي.
عرب ميڊيا موجب آمريڪي آدمشماري بيورو طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال دنيا جي آبادي ۾ ساڍا ست ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي ۽ نئين سال جي موقعي تي ان جي آبادي اٺ ارب کان وڌيڪ ٿي ويندي.
گذريل سال سڄي دنيا ۾ ترقي جي شرح صرف هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي. آدمشماري بيورو جي انگن اکرن موجب 2024 جي شروعات تي سڄي دنيا ۾ هر سيڪنڊ ۾ 4.3 ٻار پيدا ٿيڻ ۽ ٻن فوتگين جو امڪان آهي.
گذريل سال آمريڪا جي ترقي جي شرح 0.53 سيڪڙو هئي جيڪا دنيا جي انگن اکرن جي حساب سان تقريبن اڌ آهي. آمريڪا 1.7 ملين ماڻهن جو اضافو ڪيو ۽ نئين سال جي ڏينهن 335.8 ملين ماڻهن جي آبادي ٿيندي.
بروڪنگز انسٽيٽيوٽ جي ڊيموگرافر وليم فري چيو آهي ته جيڪڏهن موجوده رفتار ڏهاڪي جي اختتام تائين جاري رهي ته 2020 جو ڏهاڪو آمريڪي تاريخ جو سست ترين ترقي ڪندڙ ڏهاڪو ٿي سگهي ٿو جنهن سان 2020 کان 2030 تائين جي 10 سالن جي وقت ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان به گهٽ هوندي.
سال 2024 جي شروعات ۾ آمريڪا ۾ هر هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ٻار جي پيدائش ۽ 9.5 سيڪنڊ ۾ هڪ فوتگي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پر اميگريشن آبادي کي گهٽ ٿيڻ کان روڪيندي. اميد آهي ته عالمي لڏ پلاڻ سان هر 28.3 سيڪنڊ ۾ آمريڪي آبادي ۾ هڪ شخص جو اضافو ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language