welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

راولپننڊي: (اڱارو 06 جون 2023ع)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ شاهه محمود قريشي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي طرفان وڪيل تيمور ملڪ ۽ سندس ڌيءَ گوهربانو قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته حڪومت طرفان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عابد عزيز راجوري پيش ٿيو. عدالت شاهه محمود کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته کيس ڪنهن به ايم پي او آرڊر تحت گرفتار نه ڪيو وڃي. عدالت ڊي سي راولپنڊي جا ٽي ايم پي او آرڊر رد ڪري ڇڏيا ۽ شاهه محمود قريشي کي شارٽ بانڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت نه ڪئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو اهو مستقبل ۾ نه ٿيڻ ڏيو، سڀ ڪجهه مذاق ناهي. واضح رهي ته شاهه محمود قريشي کي 9 مئي کانپوءِ 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 23 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو هو پر اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد کيس هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس گرفتار ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے