ڏکڻ وزيرستان: (اڱارو 06 جون 2023ع)ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي سروڪئي جي علائقي برند ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.
ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) ڏکڻ وزيرستان شبير حسين شاهه موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون ڪيون ۽ زخمين ۽ فوتين جا لاش ڪڍيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language