welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جناح هائوس حملو: پنجاب حڪومت ياسمين راشد جي بريت چئلينج ڪري ڇڏي

لاھور: (اڱارو 06 جون 2023ع)پنجاب حڪومت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي بريت کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صحت بابت صوبائي وزير جي بريت خلاف پنجاب حڪومت طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ پنجاب حڪومت طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ حقيقتن جي ابتڙ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ڪيس کي ڊسچارج ڪيو. ڊاڪٽر ياسمين راشد جناح هائوس تي حملو ڪندڙ ريلي جي اڳواڻي ڪئي. پنجاب حڪومت طرفان درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا ثبوت موجود هجڻ جي باوجود ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ڪيس مان ڊسچارج ڪيو ويو. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے