اسلام آباد: (اڱارو 06 جون 2023ع)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي هدايت ڏني آهي ته ڀتيون ٽپي ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جي تنگ نه ڪيو وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمر ايوب خان جي گهر تي ڇاپي ۽ گهر ڀاتين کي حراسان ڪرڻ خلاف سندس گهر واري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
وڪيل استدعا ڪئي ته عمر ايوب جي ننڍي پٽ کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ان کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي. عدالت پوليس کي هدايت ڏني ته جيڪي ايف آءِ آر ۾ نامزد آهن انهن کي بيشڪ گرفتار ڪريو. ٻئي ڪنهن کي به حراسان نه ڪيو وڃي. بنا ڪنهن سبب جي ڀتيون ٽپي ماڻهن کي تنگ نه ڪيو وڃي.
ايس ايس پي آپريشنز عدالت کي يقين ڏياريو ته عدالتي حڪم جي تعميل ٿيندي. اسٽيٽ ڪونسل ٻڌايو ته درخواستگذار خلاف 10 مئي تي ايف آءِ آر داخل ٿي جنهن جي ڪاپي جڙيل آهي. سموري قانوني ڪارروائي پوري ڪئي وئي آهي. ڇاپو هڻڻ کان اڳ سرچ وارنٽ به موجود هئا.
عدالت لاڳاپيل دستاويزات درخواستگذار کي ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language