اسلام آباد: (اڱارو 06 جون 2023ع)اسلام آباد جي عدالت بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس جي جج طاهر عباس شهباز گل خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ شهباز گل جو وڪيل مرتضيٰ طوري عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر راجه رضوان عباسي جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران شهباز گل جي وڪيل چيو ته ڊيوٽي ميجسٽريٽ آرڊر ڪيو هو ته لاڳاپيل جج ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندو، ان تي جونيئر پراسيڪيوٽر چيو ته ڊيوٽي جج ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو.
جج طاهر عباس چيو ته اوهان جي وڏي مهرباني، جج بنا ٻڌڻ جي آرڊر ڪيئن جاري ڪري سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ۾ 11 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو ۽ شهباز گل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
جنهن کان پوءِ عدالت پراسيڪيوشن طرفان شهباز گل جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا منظور ڪندي ان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language