welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ هاءِ ڪورٽ: حسن نيازي جي گرفتاري خلاف آئيني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

ڪراچي: (اربع 29 مارچ 2023ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ حسن نيازي جي گرفتاري ۽ ڪيس جي اندراج خلاف آئيني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. حسن نيازي جو والد حفيظ الله نيازي پنهنجي وڪيلن سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي هن عدالت کي درخواست ڪئي ته اڄ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وڃي. ان تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اڄ تمام گهڻا ڪيس آهن جنهن سبب ٻڌڻي ممڪن ناهي، هو سڀاڻي توهان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندا، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 30 مارچ تي ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست ۾ حفيظ الله نيازي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي پٽ کي بي بنياد ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي، حسن نيازي جي گرفتاري کي غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے