ڪراچي: (اربع 29 مارچ 2023ع) سائيٽ سپر هاءِ وي واري علائقي مان پوليس 10 ورهين جي ٻارڙي کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب کين 15 تاريخ تي اطلاع مليو ته نامعلوم جوابدار محمد عمران 10 ورهين جي ٻارڙي محمد ريحان کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language