ميڪسيڪو سٽي: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) ميڪسيڪو جي اتر ۾ هڪ اميگريشن حراستي مرڪز ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 39 ڄڻا سڙي فوت ۽ 29 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب حراستي مرڪز ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مهاجر حراستي مرڪز ۾ باهه لڳڻ سبب 39 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
اهلڪار وڌيڪ ٻڌايو ته 29 ڄڻا سخت سڙي وڃڻ سبب علاج هيٺ آهن، جن مان 13 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين سامهون نه آيو آهي، حراستي مرڪز ۾ 100 کان وڌيڪ مهاجر ان اميد سان رهندا آهن ته سندن اميگريشن جون درخواستون قبول ڪيون وينديون.
ياد رهي ته هي حراستي مرڪز انهن مهاجرن لاءِ هڪ اهم ڪراسنگ پوائنٽ آهي جيڪي غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيا ۽ اڪثريت گرفتار ٿيڻ کانپوءِ پناهه لاءِ درخواستون ڏنيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language