welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران سنڌ اسيمبلي جو ميمبر راجا اظهر کي گولي لڳڻ سبب زخمي

ڪراچي: ( جمعو 04 نومبر 2022ع ) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران شيلنگ ۽ لاٺي چارج جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جو سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا اظهر زخمي ٿي پيو. راجا اظهر کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جناح اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته راجا اظهر کي ٽنگ ۾ گولي لڳي آهي، کيس طبي امداد ڏني وئي آهي. جناح اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته راجا اظهر جي کاٻي پير ۾ گولي لڳي آهي، راجا اظهر جي پير جو ايڪسري ڪيو پيو وڃي، راجا اظهر جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي خلاف ڪراچي ۾ به احتجاج ڪيو پيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے