لاهور: ( جمعو 04 نومبر 2022ع ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ اينٽي ٽيررازم ڊپارٽمينٽ حوالي ڪئي وئي آهي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مرڪزي جوابدار نويد کي جاچ لاءِ لاهور منتقل ڪيو ويو آهي، جتي جوابدار کي چوهڙ ۾ واقع سي ٽي ڊي جي سيل ۾ آندو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار کان سي ٽي ڊي ۽ ٻيا ادارا پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن.
ذريعن موجب جوابدار جي بيان کانپوءِ پولي گرافڪ ٽيسٽ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي يا مقامي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language