welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ايس ايل ٽيمن جي اچڻ سبب لاھور ۾ بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي

لاھور : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٻئي مرحلي لاءِ سموريون ٽيمون لاهور پهچي ويون. ٽيمن جي آمد و رفت سبب لاهور جي مختلف شاهراهن تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، جڏهن ته ٽيمن جي آمد و رفت دوران مال روڊ ۽ ڀرپاسي وارا رستا بند ڪيا ويا. روڊ بند ٿيڻ سبب مختلف هنڌن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. شهر جي مختلف شاهراهن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. واضح رهي ته مقابلا 10 فيبروري کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندا جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ صفائي ۽ عارضي ڪمنٽري باڪس جي تعمير جو ڪم جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے