welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

افضل گرو جي ورسي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ۽ هڙتال جو اعلان

مظفر آباد : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) والاريل ڪشمير ۾ شهيد ڪشميري اڳواڻ افضل گرو جي ورسي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، جمعي تي مقبول بٽ جي ورسي تي به هڙتال ڪئي ويندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي ترجمان چيو آهي ته ٻنهي شهيد اڳواڻن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ نئين زندگي جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي ڪشميرين جو چوٿون نسل ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. ترجمان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان مطالبو ڪيو ته ڀارتي فوج هٿان نه ڪشميرين جي نسل ڪشي جو نوٽيس ورتو وڃي. حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق چيو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ته ڀارت تي دٻاءُ وڌائين ته هو مقبول بٽ ۽ افضل گرو جا مڙهه کي تههڙ جيل مان سندن گهرڀاتين حوالي ڪري. واضح رهي ته ڪشميري اڳواڻ افضل گرو کي 9 فيبروري 2013ع تي ڦاهي ڏني وئي هئي ۽ مقبول بٽ کي 11 فيبروري 1984ع تي نئين دهلي جي تههار جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي، جنهن بعد سندس لاش کي جيل جي احاطي ۾ دفنايو ويو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے