ڪراچي (نمائيندا) ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات سبب ٿڌ ۾ هڪ ڀيرو وري اضافو ٿي ويو ۽ مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي

ڪراچي: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) جي علائقي صدر، اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون، لياري، نارٿ ناظم آباد، ڊفينس، ڪلفٽن، گذري، گلشن حديد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي
سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ جي ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، ڀٽي اسٽاپ، مرزا اسٽاپ، جمن شاھ، ميرل پراڻو سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات جاري جو سلسلو جاري آهي
قادرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھلڪي برسات جاري آهي، ڪشمور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات بعد ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي
واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات سبب موسم سرد ٿي ويو، ڪريم بخش کوسو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪارو شروع ٿي ويو آهي
مدئجي، ميان صاحب شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ھلڪي ھلڪي برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، ڪنڌڪوٽ ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي
پکو، فيض گنج ٺل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جي وسڪاري سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ٿڌ وڌي وئي
چڪ شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ھلڪي ھلڪي برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي،
وسڪاري سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ ٿڌ وڌي وئي
0 تبصرے
Do not use vulgar language