
ڪراچي: (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن بابت خاص صلاحڪار عثمان ڊار چيو آهي ته اسان سنڌ جي نوجوانن سان واعدو ڪيوهو ته توهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين
سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ ملي ڏني وئي، سنڌ جي نوجوانن کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو واعدو ڪيو هو، اپوزيشن ليڊر جو چوڻ آهي ته مون کي سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي وڌائڻو آهي، وڌيڪ 10 ارب رپيا سنڌ جي نوجوانن ۾ ورهايا ويندا
هن چيو آهي ته اسان وٽ شفاف نظام آهي، ميرٽ تي نوجوانن ۾ پئسا ورهايا پيا وڃن، هن پروگرام ۾ ڪا به سياسي مداخلت نه آهي، سنڌ لاءِ هن سال جو هدف 10 ارب رپيا آهي
عثمان ڊار وڌيڪ چيو ته سنڌ جا نوجوان ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿا، سنڌ جي نوجوانن کي 20 هزار کان وڌيڪ اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن
هن چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن لاءِ ڪامياب يوٿ پروگرام شروع ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن اقتدار ۾ ايندي ئي وزيراعظم نوجوانن جي همت افزائي ڪئي
هن چيو آهي ته 18هين ترميم ذريعي نوجوانن کي رلايو ويو، جڏهن ڪامياب نوجوانن جو پروگرام شروع ٿيو ته ڪررونا ملڪ ۾ آيو، اڄ پاڪستان جا معاشي اشارا اڳتي وڌي رهيا آهن
هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن، نوجوانن ۾ 32 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، سنڌ ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪنداسين
هن چيو ته ڪنهن به نوجوان کي سفارش جي ضرورت ناهي، ماضي ۾ اهڙن پروگرامن ۾ سياسي مداخلت ٿيندي هئي، 18 کان 45 سالن جي وچ ۾ نوجوان ماڻهو هن اسڪيم لاءِ اپلائي ڪري سگهن ٿا
هن چيو آهي ته پروگرام جي شفافيت لاءِ ھڪڙو آن لائن پروگرام آھي، مون بينڪن جي صدرن سان ملاقات ڪئي آهي، مان پاڪستان جي بئنڪن جو شڪر گذار آهيان، قرض جي رقم وڌائي 20 لک ڪري رهيا آهيون
0 تبصرے
Do not use vulgar language