welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٻوڏ جو پاڻي ملتان جي حدن ۾ داخل، مصيبت ماريلن مٿان بيمارين جا حملا، عالمي اداري جي وارننگ

ملتان:(اربع 03 سيپٽمبر 2025ع)چناب درياهه جي ٻوڏ جو پهريون وهڪرو ملتان جي حد ۾ داخل، هيڊ پنجند ٻوڏ جو پهريون وهڪرو پهچڻ بعد پاڻي وهڪرا وڌي ويا، مٿانهون وهڪرو هڪ لک 67 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ملتان شهر جي بچاءَ لاءِ اڪبر فلڊ بند تي پاڻي سطح 3 کان 4 فٽ وڌي وئي، پاڻي جي دٻاءُ سبب هيڊ محمد والا روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند ڪئي وئي، روڊ تي ڪٽ هڻڻ لاءِ بارودي مواد پوريو ويو، هيڊ مرالا وٽ پاڻي سطح ۾ واڌ رهي، پاڻي جو هڪ ٻيو وهڪرو هيڊمرالا ۾ داخل ٿيڻ جو خدشو آهي، ٽريمون هيڊ ورڪ تي پاڻي سطح ۾ لاٿ اچي وئي، مقامي انتظاميا موجب ٻوڏ جو وڏو وهڪرو 5 سيپٽمبر تي پنجند وٽ پهچندو. هوڏانهن صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) راوي، ستلج ۽ چناب درياءَ ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. صوبائي رليف ڪمشنر موجب، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شديد ٻوڏ صورتحال سبب 3200 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن. رليف ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ مجموعي طور 24 لک 52 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 41 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. رليف ڪمشنر موجب، ٻوڏ ۾ ڦاٿل 9 لک 99 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وبائي مرض ڦهلجي ويا، جنهن سبب اڪٿر ماڻهو بيمار آهن، صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايچ او وارننگ ڏيندي چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ فوري طور تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي بيمار ماڻهن جو علاج ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے