صنعا:(خميس 11 سيپٽمبر 2025ع)يمن تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ فوتين جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 130 زخمي ٿيا آهن.
الجزيره جي هڪ رپورٽ موجب، اسرائيل يمني راڄڌاني صنعا ۽ الجوف گورنريٽ ۾ هوائي حملا ڪيا، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 ماڻهو مارجي ويا ۽ 130 زخمي ٿيا.
هي حملا قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيا.
يمني وزارت صحت موجب، اسرائيل صنعا ۽ الجوف ۾ رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ هڪ طبي مرڪز به شامل آهي.
اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ حملي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ان يمن ۾ حوثي حڪومت سان لاڳاپيل فوجي هدفن کي نشانو بڻايو.
الجزيره جي مطابق، اسرائيل گذريل مهيني هڪ هوائي حملي ۾ يمني عملدارن کي به نشانو بڻايو، جنهن ۾ يمني وزيراعظم احمد الراحوي پڻ مارجي ويو.
حوثي باغين جو چوڻ آهي ته اسرائيل انهن تي غزه جي حمايت ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، پر انهن غزه تي اسرائيل جي جنگ ختم ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي.
ياد رهي ته اسرائيل گذريل 72 ڪلاڪن ۾ فلسطين، لبنان، شام، تيونس، قطر ۽ يمن سميت 6 ملڪن ۾ حملا ڪيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language