
جلال پور:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)جلال پور پير والا ۾ چناب درياءَ ۽ ستل درياڻي جي پاڻي ۾ مسلسل اضافي کان پوءِ حڪومت طرفان شهر کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر ريسڪيو اهلڪارن طرفان پاڻِ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ هزارين روپيه گهرڻ جي دعويٰ به سامهون اچي وئي آهي.
نجي چينل طرفان جلال پور پير والا جي رهواسين سان ڳالهين دوران ٻوڏ متاثر شخص روئيندي ڏوراپو ڏيندي چيو ته مان صبح 6 وڳي کان انتظار ڪري رهيو آهيان، منهنجا گهر ڀاتي بکيا ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل آهن، مان بيوسي جي عالم ۾ آهيان چاهيان ٿو ته ڪابه هڪ ٻيڙي ملي وڃي ته جيئن مان انهن کي ڪڍي سگهان. ريسڪيو 1122 وارا عوام کان 25 کان 30 هزار روپيه وٺي رهيا آهن.
ٻئي طرف اتي موجود ريسڪيو اهلڪار جو چوڻ هو ته منهنجو گهر ڪري چڪو آهي منهنجا گهر ڀاتي 4 ڏينهن کان ڦاٿل آهن. مون کي وقت نه پيو ملي ته جيئن مان انهن کي بهتر جڳهه تي منتقل ڪري سگهان. ريسڪيو اهلڪار موجب اسان هتي موجود آهيون. هنن ماڻهن جي خدمت لاءِ اسان بيٺل آهن. ڪوبه ريسڪيو ورڪر پئسا نه پيو گهري اها ڳالهه ڪوڙي آهي.
ريسڪيو اهلڪار وڌيڪ چيو ته اسان 15 ڏينهن کان ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍي رهيا آهيون، اسان ائين ڪٿي به ناهي ڏٺو، جيستائين پرائيويٽ بيڙين جي چارجز جي ڳالهه آهي انهن سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language