welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هن سال 29,000 مهاجر غير قانوني طور تي برطانيه پهتا : انڪشاف

لنڊن:(سومر 08 سيپٽمبر 2025ع)هن سال 29,000 کان وڌيڪ ماڻهو غير قانوني طور تي برطانيه ۾ داخل ٿيا آهن. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب، برطانيه ۾ غير قانوني مهاجرن جي آمد جاري آهي ۽ هن سال ان ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب، 2025 ۾ هاڻي تائين 29,000 مهاجر ننڍين ٻيڙين ۾ غير قانوني طور تي برطانيه پهتا آهن، جڏهن ته آگسٽ 2024 ۾ 21,000 هئا. ان حوالي سان گهرو سيڪريٽري شبانه محمود چيو ته انساني اسمگلر سرحدي سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهن، فرانس سان ون آن ون معاهدي تحت جلد ئي ملڪ بدري شروع ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے