welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي صدر جو يورپي يونين تي دٻاءُ، چين ۽ هندستان تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جي تجويز

واشنگٽن:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ته هو چين ۽ هندستان خلاف سخت واپاري قدم کڻي ۽ انهن ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته روس جي معيشت تيل جي وڪرو سان سهڪار ڪري ٿي، تنهن ڪري آمريڪا يورپي يونين سان گڏجي ساڳيا ٽيرف لاڳو ڪندو. هن واضح ڪيو ته آمريڪا اڳ ۾ هندستان تي ٽيرف ٻيڻو ڪيو هو، جڏهن ته يورپي يونين اڃا تائين صرف پابندين کي ترجيح ڏني آهي. ٻئي طرف، تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي تجويز عالمي سطح تي واپاري تڪرار کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي معيشت اڳ ئي دٻاءُ ۾ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے