لاھور:(جمعو 29 آگسٽ 2025ع)پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعليمي ادارا هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
پنجاب جي چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم اي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رليف ڪمشنر پنجاب ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق ۽ خواجه عمران نذير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ ڪلينڪ آن ويلز فوري طور تي موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ تعليمي ادارن کي هڪ هفتي لاءِ بند رکڻ تي به غور ڪيو ويو.
پي ڊي ايم اي جي اجلاس ۾ ننڪانه، شيخوپوره، ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي دريائي پٽي وارن علائقن کي فوري طور تي خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته جهنگ ۽ چنيوٽ کي بچائڻ لاءِ راوز پل ۾ شگاف وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٽينٽ وليج قائم ڪرڻ ۽ سڀني ضلعن جي ميڊيڪل ڪيمپس ۾ ضروري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language