welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪينيڊا پاران آمريڪي شين تي جوابي ٽيرف ختم ڪرڻ جو فيصلو

اوٽاوا:(ڇنڇر 23 آگسٽ 2025ع)ڪينيڊا ڪيترن ئي آمريڪي شين تي انتقامي محصول ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو 1 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندو. ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني هڪ پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو ته ڪينيڊا آمريڪا جي ڪيترن ئي شين تي انتقامي محصول ختم ڪندو، پر گاڏين، اسٽيل ۽ ايلومينيم تي 25 سيڪڙو محصول برقرار رهندو. وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو ته اسان آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جو ڌيان اسٽريٽجڪ شعبن تي آهي. اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ آيو جڏهن وزيراعظم ڪارني ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڏينهن اڳ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. رپورٽن موجب، ڪينيڊا مختلف آمريڪي شين تي تقريبن 30 ارب ڪينيڊين ڊالر (21.7 ارب آمريڪي ڊالر) جي ماليت جي شين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جن ۾ واشنگ مشينون به شامل آهن، ۽ هي قدم آمريڪا پاران ڪينيڊا تي لاڳو ڪيل ٽيرف جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. ٻئي طرف، وائيٽ هائوس جي عملدارن آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينيڊا کي اهو قدم گهڻو اڳ کڻڻ گهرجي ها.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے