welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عورت پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن کي تيز اوزار سان ماري ڇڏيو

ڪراچي:(خميس 14 آگسٽ 2025ع)شهر قائد ۾ ٻٽي قتل جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي. هڪ عورت پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن کي تيز اوزار سان قتل ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ڏکڻ مهضور علي چيو ته خيابان مجاهد اسٽريٽ نمبر 10 تي هڪ بنگلي ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. ماءُ اديبا پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن، 8 سالن جي ضرار ۽ چار سالن جي ڌيءَ ساميه کي تيز اوزار سان قتل ڪيو. هن چيو ته جوڙي جو 2024 ۾ عدالت ۾ طلاق ٿي وئي. عدالت ٻارن جي سنڀال پيءُ جي حوالي ڪئي هئي. ايس ايس پي ڏکڻ موجب، ٻار پنهنجي ماءُ سان ملڻ ايندا هئا. ٻارن جو پيءُ هڪ خانگي ڪمپني جو ملازم آهي. مهروز علي موجب، ٻارن جي ماءُ هڪ گهريلو عورت هئي ۽ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. ملزمه اديبا کي قتل جي هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڏکڻ چيو ته ٻار ڪالهه منجهند پنهنجي ماءُ سان ملڻ آيا هئا، جنهن کان پوءِ هي واقعو اڄ پيش آيو. چيو پيو وڃي ته جوابدار نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا آهي، ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے