
مورو:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)آءِ بي اي ۾ پاس ٿيل پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ۾ 40 پلس مارڪون کڻندڙ رهجي ويل استادن، جيڪي 46 ڏينهن تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ لڳائي ويٺل هئا، سنڌ حڪومت کان مايوس ٿي پيادل لانگ مارچ لاءِ اسلام آباد روانا ٿيا آهن. ڪالھ شام سندن قافلو مورو پهتو ۽ مورو کان ريلي جي صورت ۾ اسلام آباد طرف اڳتي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالغفار مغيري خميس علي چنا، محمد قابل عالماڻي، عديل احمد منگي، عاجز ميراڻي، عبدالله کوسو، امتياز علي، زاھد کوسو، عامر سولنگي، پيرل ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڪجھ من پسند ضلعن کي سيٽيون ڏئي، 33 مارڪون کڻندڙ وارن کي آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏئي ڇڏي آھي ۽ انھن کي سنڌ حڪومت پگهارون ڏئي رهي آھي. جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀرتيون روڪيل آهن. ھنن وڌيڪ الزام هنيو ته ڪجھه ضلعن ۾ فيل اميدوارن کي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ باوجود به ناڪام ٿيڻ تي اضافي مارڪون ڏئي پاس ڪرايو ويو ۽ کين نوڪريون ڏنيون ويون آھن، پر جيڪي 40 کان 60 نمبر کڻي ميرٽ تي ڪامياب ٿيا، سي اڃا تائين بيروزگار آهن. رهجي ويل استادن سنڌ جي ساڃاهه وندن، وڪيل برادري، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، سوشل ورڪرن ۽ تعليم دوستن کي اپيل ڪئي آهي ته هن جدوجهد ۾ ساٿ ڏين، ھنن چيو ته هي جنگ ڪنهن فرد جي نه پر پوري سنڌ جي آهي. ميرٽ هوندو ته تعليم هوندي، تعليم هوندي ته شعور هوندو ۽ شعور هوندو ته ظلم ختم ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language