ڪنڊيارو:(سومر 18 آگسٽ 2025ع)ڪنڊيارو شهر جي شاهي بازار واري علائقي ۾ نامعلوم شخص ڳوٺ سعيدو باغ جي رهواسڻ عورت رخسسانه ڌي منظور ڪلهوڙو تي تيزاب هاري فرار ٿي ويو عورت مٿان تيزاب هاري فرار ٿيندڙ شخص کي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ شھر مان فرار ٿيندي ڏٺو وڃي ٿو، ڪنڊيارو ٿاڻي رپورٽ ٿيل اين سي موجب عورت رخسانه ڪلهوڙو ڪنڊيارو ٿاڻي تي پهچي وئي، جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد عورت علاج لاء تعلقه اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ذريعن موجب عورت رخسانه ڪلهوڙو جي شادي ماجد نالي شخص سان ٿيل هئي، ٽي سال اڳ عورت کي طلاق اچي چڪي هئي، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت بازار مان ميڊيڪل اسٽور تان دوا وٺي رهي ته کيس طلاق ڏيندڙ مڙس مٿس تيزاب هاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بازار ۾ رش هجڻ سبب هو اهو ڪم نه ڪري سگهيو، پوليس مطابق عورت کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language