welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪي پاڪستانين جي وفد جي گورنر سنڌ سان ملاقات، باهمي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه

ڪراچي:(جمعو 15 آگسٽ 2025ع)تنوير احمد جي اڳواڻي ۾ آمريڪي واپارين جي هڪ وفد گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ ڊاڪٽر آصف قادر، طاهر ڀٽي ۽ شوڪت مريديا شامل هئا. وفد پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ باهمي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪامران ٽيسوري چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. پرڏيهي سيڙپڪارن کي تيز ۽ اثرائتي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. گورنر سنڌ چيو ته تنوير احمد نسٽ کي 9 ملين ڊالر عطيو ڪري پاڪستاني نوجوانن کي جديد آئي ٽي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هو ٻين فلاحي ڪمن ۾ پڻ سرگرم حصو وٺندو آهي. آمريڪي وفد 14 آگسٽ تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار جو دورو پڻ ڪيو، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. واضح رهي ته آمريڪي پاڪستانين جي هن وفد آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ قائداعظم لائبريري پڻ قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ قائداعظم جي زندگي ۽ تعليمات سان لاڳاپيل ناياب شيون موجود آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے