welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مڪيش امباني جو ڀاءُ انيل امباني بينڪ فراڊ ۾ ملوث، ڪيس داخل

دھلي:(آچر 24 آگسٽ 2025ع)هندستان جي مشهور ڪاروباري شخص ۽ ارب پتي مڪيش امباني جي ڀاءُ انيل امباني خلاف بينڪ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب، هندستان جي وفاقي جاچ ايجنسي هندستان جي مشهور صنعتڪار، ريلائنس گروپ جي چيئرمين ۽ ارب پتي مڪيش امباني جي ڀاءُ انيل امباني خلاف بينڪ فراڊ جي سنگين الزامن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي جي رپورٽ موجب، هندستان جي جاچ ايجنسي ملڪ جي سڀ کان وڏي بينڪ کان فراڊ جي شڪايت ملڻ کان پوءِ هي ڪارروائي ڪئي آهي. اسٽيٽ بينڪ آف انڊيا (ايس بي آءِ) دعويٰ ڪئي آهي ته انيل امباني جي فراڊ ۾ تقريبن 29 ارب ڀارتي رپيا نقصان ٿيو آهي. سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن موجب، بينڪ جي شڪايت تي ملزم انيل امباني خلاف مڪمل جاچ ڪئي ويندي. ٻئي طرف، امباني جي ترجمان سڀني الزامن کي رد ڪيو ۽ چيو ته هو هن ڪيس ۾ پنهنجو مڪمل دفاع ڪندو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن مهيني آگسٽ جي شروعات ۾، اي ڊي (انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ) 3 هزار ڪروڙ رپين جي قرض جي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ لُڪ آئوٽ سرڪيولر جاري ڪيو هو، جنهن جي تحت انيل امباني عدالت جي اجازت کانسواءِ پرڏيهه سفر نٿو ڪري سگهي. اي ڊي 5 آگسٽ تي ممبئي سميت ٻين شهرن ۾ ريلائنس گروپ جي 35 کان وڌيڪ مختلف آفيسن ۽ اهم هنڌن تي ڇاپا هڻڻ کان پوءِ انيل امباني کي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے