welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صحافي خاور حسين جو فون ري سيٽ، هڪ سم به غائب، پراسرار موت جو معاملو حل نه ٿي سگهيو

ڪراچي:(اڱارو 19 آگسٽ 2025ع)صحافي خاور حسين جي پراسرار موت آپگهات هو يا قتل، 2 ڀيرا پوسٽ مارٽم جي باوجود حقيقت سامهون نه اچي سگهي. صحافي خاور حسين جي پراسرار موت بابت جاچ جاري آهي، سنڌ حڪومت طرفان ٺاهيل 3 رڪني ميڊيڪل بورڊ وڌيڪ 5 سيمپلز حاصل ڪري ورتا آهن، خاور حسين جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه آهن جڏهن ته حتمي راءِ مڪمل رپورٽ کان پوءِ ڏني ويندي. فيڪٽ فائينڊڻگ ڪميٽي جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ۽ ڊي آءِ نوابشاهه ڪرائيم سين جو جائزو ورتو. ڪميٽي جي سربراهه آزاد خان جو چوڻ آهي ته گاڏي مان ملندڙ خول خاور جي پستول جو آهي، جڏهن ته موبائل ري سيٽ ۽ هڪ سم غائب آهي. هوڏانهن خاو حسين جي والد رحمت باجوه موت کي قتل قرار ڏيندي چيو ته منهنجو پٽ خودڪشي نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف خاور حسين جي جنازي نماز سانگهڙ ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته تدفين سندس اباڻي قبرستان ۾ ٿي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ صحافين سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے