welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب جي اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ واڌ، پهرين سيپٽمبر تي کوليا ويندا

لاهور: (خميس 07 آگسٽ 2025ع) پنجاب ۾ تعليم واري وزير رانا سکندر حيات، اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي صوبائي وزير موجب، پنجاب جي سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن کي هاڻ 1 سيپٽمبر 2025ع تي کوليا ويندا، جڏهن ته ان کان اڳ اسڪول 14 آگسٽ تي کولڻ جو شيڊول مقرر ڪيو ويو هو. اونهاري جي موڪلن ۾ واڌ جو فيصلو موسم جي شدت ۽ گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جيئن ٻارن جي صحت کي تحفظ ڏئي سگهجي. تعليمي ماهرن ۽ والدين پاران فيصلي کي بهتر قدم قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اسڪول انتظاميا کي به نئين تاريخ موجب تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے